لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ مير حمزا جي شاندار بالنگ سبب ڪراچي ڪنگز شڪست جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو ۽ لاهور قلندرز کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پي ايس ايل جي 26هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان بابر اعظم ۽ جو ڪلارڪ اننگز جي شروعات ڪئي،۽ سٺي پارٽنرشپ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا. جو ڪلارڪ 4 رنسون ٺاهي 12 جي مجموعي اسڪور تي زمان خان کي وڪيٽ ڏني. شرجيل خان بيٽنگ لاءِ ٻئي نمبر تي آيو ۽ صرف 2 رنسون ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. قلندرز جي زمان 24 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم جو ڪيچ ڊراپ ڪيو. بابر اعظم 32 بالن کي منهن ڏنو ۽ 39 رنسون ٺاهيون پر جڏهن اسڪور 81 تائين پهتو ته فل سالٽ راشد خان جي بال تي اسٽمپ ٿيو، پهريون 4 وڪيٽون 100 رنسن کان اڳ ئي ڪرڻ بعد ڪنگز سخت مشڪلاتن ۾ ڦاسي وئي هئي پر روحيل نذير 18 رنسون ٺاهي ٽيم کي ٿورو حوصلو ڏنو. عماد وسيم به 8 رنسون ٺاهي راشد خان جي ٽئين وڪيٽ بڻجي ويو. لوئس گريگوري ڪنگس کي مشڪل وقت ۾ 149 رنسن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ڪرس جورڊن صفر تي آئوٽ ٿي ويو. گريگوري 16 بالن کي منهن ڏنو ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 27 رنسون ٺاهيون. عثمان شنواري آخري بيٽسمين هو جيڪو 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪراچي ڪنگز جي پوري ٽيم وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ آخري اوور جي آخري بال تي 149 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. لاهور قلندرز طرفان زمان خان ۽ راشد خان بهترين بالنگ ڪئي ۽ 4، 4 وڪيٽون ورتيون. لاهور قلندرز کي وڏو نقصان ان وقت ٿيو جڏهن فخر زمان صرف هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عبدالله شفيق به گهڻو وقت وڪيٽ تي نه رهي سگهيو ۽ 10 جي مجموعي اسڪور تي 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. محمد حفيظ ۽ ڪامران غلام 52 رنسن تي اسڪور پهچايو ته عماد وسيم 13 رنسون ٺاهيندڙ ڪامران غلام جي وڪيٽ ورتي. فل سالٽ 8 رنسون ٺاهي ٺاهي آئوٽ ٿيو. محمد حفيظ 64 جي اسڪور تي وڪيٽن جي وچ ۾ تيز ڊوڙڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو ۽ سندس اننگز 33 رنسن کان اڳتي نه وڌي سگهي. هيري بروڪ ۽ ڊيوڊ ويزي پارٽنرشپ ۾ ٽيم جي سينچري مڪمل ڪئي ۽ 119 رنسون ٺاهيون. قلندرز جي ڇهين وڪيٽ اهم موڙ تي ڪري پئي جڏهن هيري بروڪ 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڊيوڊ ويزي 31 رنسون ٺاهي مير حمزا جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ڪپتان شاهين شاهه آفريدي اسڪور نه وڌائي سگهيو ۽ 125 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو. راشد خان بالنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پر بيٽنگ ۾ صفر تي وڪيٽ وڃائي ويٺو. آسان هدف جي تعاقب ۾ لاهور قلندرز مقرر اوورن ۾ 127 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل 2022 ۾ لاهور قلندرز کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي پهرين فتح حاصل ڪري ورتي.
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ
درج ٿيل ڪيسن ۾ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
ڳالهيون اين آر او نه پر پاڪستان لاءِ ٿينديون: طلال چوڌري
پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي
ملڪه ترنم نور جهان کي جنم 24 سال گذري ويا