ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب، هن سال جنوري کان 20 مارچ تائين سڄي سنڌ ۾ مليريا جا 7,642 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران صرف ڪراچي ۾ 139 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪراچي ۾ مليريا جا سڀ کان وڌيڪ مريض ڏکڻ ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا، جن جو انگ 52 هو.ترجمان موجب جنوري کان مارچ تائين ڪيماڙي ضلعي مان مليريا جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾، حيدرآباد ۾ مليريا جا 3,240 ڪيس، سکر ۾ 669 ڪيس، لاڙڪاڻي ۾ 1,939، ميرپور خاص ۾ 816 مريضن ۾ مليريا جي تشخيص ٿي، ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 839 ڪيس رپورٽ ٿيا. ٻئي طرف، هن سال ڪراچي ۾ ڊينگي جا 149 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته مارچ ۾ هاڻي تائين ڊينگي جا 27 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ترجمان موجب، هن سال سڄي سنڌ ۾ ڊينگي جا 167 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
