ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو آهي: صلاح الدين احمد

ڪراچي (رپورٽر)ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايتن تي عملدر آمد ڪندي واٽر ڪارپوريشن شھر ۾ برسات کان اڳ سموريون سڪشن مشينون ۽ ڊي واٽرنگ پمپ سميت ٻيون مشينري فراهم ڪري برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو ان حوالي سان سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد چيو ته واٽر ڪارپوريشن انتظاميا برسات کان اڳ شهر جي مختلف اھم شاهراهن ۽ مختلف ڊيپ ايريا وزيراعليٰ هائوس گورنر هائوس ميٽروپول هوٽل مسلم جيمخانه ميري ويدھر ٽاور بلاول چورنگي جناح ايئرپورٽ آرٽس ڪائونسل چورنگي پي سي هوٽل 26 اسٽريٽ جناح اسپتال نرسري گورا قبرستان بلوچ ڪالوني ايف ٽي سي فلائي اوور يونيورسٽي روڊ شاهراه قائدين وزير مينشن ۽ ايم اي جناح روڊ جي مختلف هنڌن تي سموريون سڪشن مشينون ڊي واٽرنگ پمپس سميت ٻئي مشينري کي پهچائي ڪري برسات واري پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو ھن ٻڌايو تہ سمورن ٽاؤنن ۾ سڪشن مشينون موڪليون ويون آهن ۽ ڪلفٽن پمپنگ اسٽيشن تي 7 ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 1 سڪشن مشين اسٽينڊ بائي تي موجود آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ميئر ڪراچي جي هدايتن تي برسات واري پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿيڻ تائين واٽر ڪارپوريشن جون گاڏيون روڊن تي موجود رھنديون جڏھن تہ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن جو عملو 24 ڪلاڪ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سميت ٻين سمورن مڪاني ادارن سان گڏجي برساتي پاڻي جي نيڪالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو