ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلديا لڪي چڙهائي ڀرسان ڊمپر 3 موٽر سائيڪل سوار ڀائرن مٿان چڙهي ويو. ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، فوتي جي سڃاڻپ 25 ورهين جي راهب طور ٿي، جڏهن ته زخمين ۾ منير ۽ صاحب شامل آهن. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽئي ڀائر آهن.
