ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو گذريل رات ٿيل ڌماڪي بابت چيني سفارتخاني جو بيان سامهون آيو آهي.ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو رات دير سان ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا.وزيراعظم پاڪستان، گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ايئرپورٽ تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي تي چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيني عملي جي گاڏي تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو حملو ڪيو ويو.حملي ۾ ٻه چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ڪجهه مقامي شهري به متاثر ٿيا.چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني ۽ قونصل خاني تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا. اسان پاڪستان کان فوري ايمرجنسي پلان لاڳو ڪندي جاچ جي درخواست ڪئي آهي.دوست ملڪ جي سفارتخاني چيو آهي ته پاڪستاني اختيارين کان مطالبو آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ حملي آورن کي سخت سزا ڏني وڃي.
سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇيو ويو ان کان وڌيڪ ملڪي دشمني نٿي سگهي
دهشتگردن جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو عزم، فوج امن دشمنن جو پيڇو ڪندي
اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو سيل ٿاڻو قرار، پوليس مقرر
پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد ايندڙ موٽر وي اڄ کان بند
ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون
هي آخري احتجاج آهي، 24 نومبر واري فيصلي تي عمل ڪنداسين
پي ٽي آءِ احتجاج، عدالتي فيصلي تي پوري طاقت سان عملدرآمد جو اعلان
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي بندش
ڪي پي پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ نوان ظابطا اخلاق جاري
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور