ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن جي مئچ ۾ڪراچي ڪنگز اسپنرز جي سٺي ڪارڪردگي سبب ملتان سلطانز کي سولائي سان 66 رنسن تان هارائي 2 قيمتي پوائنٽس حاصل ڪريورتا ڪراچي ڪنگز مقرر اورز ۾ ٽنوڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون ملتان سلطان جي پوري ٽيم رڳو 101 رنسون ٺاهي سگهي تبريز شمي کي سندس بهترين بالنگ تي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو ڪراچي جي نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ ارينا ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز جي خلاف ٽاس کٽي فيڊلنگ جو فيصلو ڪيو ڪراچي ڪنگز مئچ شروع ڪئي ته جيمز ونس جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ رڳو 12بالن تي 27 رنسون ٺاهيون جنهن سبب ڪراچي ڪنگز ٽن اوورن ۾ 32 رنسون ٺاهي ورتيون پر انهيءَ مرحلي تي ونز پويلين موٽي ويو. جنهن کان پوءِ ميٿيو ويڊ جو ساٿ ڏيڻ نوجوان طيب طاهر آيو ۽ ٻنهي ٻي وڪيٽ لاءِ 109 جي پاٽنرشپ قائم ڪئيطيب طاهر شاندار اڌ سينچري اسڪور ڪئي پر جاحاڻي بيٽنگ لاءِ مشهور ميٿيو ويڊ پوري اننگز دوران جدوجهد ڪندو رهيو ۽ 47 بالن تي 46 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ احسان الله جي وڪيٽ بڻجي ويو طيب طاهر به بهترين کيڏندي 46 بالن تي 65 رنسون ٺاهيون سندس اننگز ۾ 8 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو پڄاڻي وارن اوورز ۾ عماد وسيم ۽ شعيب ملڪ چند وڏا شارٽس کيڏيا جنهن سبب ڪراچي ڪنگز مقرر ڪيل اورز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون ملتان سلطانز پاران احسان الله 2 ۽ انور علي هڪ وڪيٽ ورتي اوپرنز محمد رضوان ۽ شان مسعود پنهنجي ٽيم کي 71 رنسن جي شروعات فراهم ڪري سٺو بنياد رکيو شان مسعود 25 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿي ويو. اهڙي طرح ملتان سلطانز جي پوري ٽيم رڳو 101 رنسون ٺاهي سگهي ڪراچي ڪنگز مئچ ۾ 66 رنسز جي وڏي مارجن سان فتح حاصل ڪري ٻه قيمتي پوائنٽس پنهنجي نالي ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اوريج کي به بهتر بڻائي ورتو.
ڪمشنر ڪراچي تمر جي ٻيلن جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي
ڪرنٽ لڳڻ سان ٻار جو موت، ڪي اليڪٽرڪ تي 1 ڪروڙ 93 لک ڏنڊ
کوسا برادري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل
هاري ڪانفرنس، زمينون ھارين کي ڏيڻ ۽ ھاري ڪورٽون قائم ڪرڻ جو مطالبو
ابراهيم حيدري ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي پر اسرار نموني بيهوش، 1 فوت
مريد شاخ ۾ زال مڙس هٿان ڇريون ھڻي قتل،جوابدار فرار
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڊر پاس رڳو 42 ڏينهن ۾ مڪمل
انٽرنيٽ نوجوانن جو حق آهي، بابا۽ پوڙها سياستدانن نه ٿا سمجهن
گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ڪم نه رڳو دوکو ڏئي رهي آهي
چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول پڌرو، پاڪ ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي ٿيندو
اسان مجبوري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: عمر ايوب
نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو
پي اي سي جي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ کان نالو طلب
عارف علوي جي 14 فيبروري تائين راهداري ضمانت منظور
ڪسٽم جي ڪارروائي، هڪ لک پرڏيهي شراب جون بوتلون هٿ
ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي
جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ هڪ جوابدار تي جرم لاڳو، فوٽيج فراهمي درخواست رد
سول نافرماني سڏ تي عمل ٿيو ته ملڪ کي ڪافي نقصان پهچندو
سون سستو ،ڊالر مهانگو ٿي ويو
آمريڪي پابندين جو جواز ناهي، ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو