ڪراچي ڪنگز جي شڪست جو سلسلو برقرار، ملتان فاتح

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ستين ايڊيشن جي مئچ ۾ ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل اٺين شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 23هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي ملتان سلطانز کي پهريان بالنگ جي دعوت ڏني. اننگز جي شروعات ۾ ڪراچي ڪنگز کي بابر اعظم جي قيمتي وڪيٽ وڃائڻي پئي ۽ رومان رئيس ٻه رنسون ٺاهي حريف ٽيم جي ڪپتان کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي شرجيل خان سان گڏ جو ڪلارڪ ۽ ٻئي وڪيٽ لاءِ 72 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. جو ڪلارڪ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر شرجيل کي مسلسل جدوجهد ڪندي ڏٺو ويو، ٻنهي رانديگرن کلي کيڏڻ شروع ڪيو هو ته جو ڪلارڪ 29 بالن تي 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. شرجيل خان ٻه ڇڪا هڻي پنهنجا خطرناڪ ارادا ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر خوشدل شاهه سندس 40 رنسن جي اننگ کي ختم ڪري ڇڏيو. آخري ميچ ۾ اڌ سينچري اسڪور ڪندڙ قاسم اڪرم 13 رنسون ٺاهيون پر ڏاهاڻي کي ڇڪي هڻڻ جي چڪر ۾ وڪيٽ وڃائي ڇڏي. جڏهن ته روحيل نذير 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. آخري اوورز ۾ محمد نبي ۽ عماد وسيم ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 48 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي جنهن سان ڪراچي ڪنگز کي مناسب اسڪور تائين پهچايو. ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون، نبي 21 ۽ عماد وسيم 32 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هدف جي تعاقب ۾ سلطانز اطمينان بخش انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار پارٽنرشپ قائم ڪري ٽيم کي 100 رنسن جو اسٽارٽ ڏنو، شان مسعود 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ٻئي پاسي کان محمد رضوان شاندار بيٽنگ جاري رکي ۽ اسڪور 130 تائين وڌايو پر قاسم اڪرم جي شاندار ڪيچ سندس 76 رنسن جي اننگز جو خاتمو آڻي ڇڏيو. جڏهن ٽم ڊيوڊ 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته ميچ تي ڪراچي ڪنگز جي گرفت مضبوط نظر آئي ۽ سلطانز کي فتح لاءِ 14 بالن تي 34 رنسن جي ضرورت هئي. جڏهن ته نئين بيٽسمين خوشدل شاهه اننگز جي 19هين اوور ۾ ڪرس جورڊن جي هٿان 20 رنسون ٺاهي ميچ جو رخ پنهنجي حق ۾ ڪري ڇڏيو. رلي روسو عميد آصف کي ڇڪو هڻي ملتان سلطانز کي ٽن بالن تي هارائي پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي. ميچ 7 وڪيٽن تان هارائڻ کانپوءِ ڪراچي ڪنگز کي ايونٽ ۾ مسلسل اٺين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ هن سال هن کي اڃا تائين ڪاميابي حاصل ناهي ٿي. 56 بالن تي 76 رنسون ٺاهڻ تي محمد رضوان کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ان کان اڳ ميچ لاءِ ٻنهي ٽيمن ۾ تبديليون ڪيون ويون هيون ۽ ڪنگز طرفان صاحبزاده فرحان جي جاءِ تي روحيل نذيرکي شامل ڪيو ويو هو. ملتان سلطانز ٽي تبديليون ڪيون ۽ فائنل اليون ۾ عامر عظمت، آصف آفريدي ۽ رومان رئيس کي شامل ڪيو. ميچ لاءِ ٻنهي ٽيمن جا اهي رانديگر شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو