ڪراچي: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ سپر هاءِ وي جي علائقي جنجال ڳوٺ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ماڻهو فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ٿيندڙن ۾ 3 ڇوڪريون ۽ 2 عورتون شامل آهن. فوت ٿيندڙ ڇوڪرين جون عمرون 7، 8 ۽ 3 سال آهن، جڏهن ته فوت ٿيندڙ عورتن جي عمر 25 ۽ 26 سال آهي.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي وقت مهمان گهر ۾ موجود هئا. ايس ايس پي ويسٽ طارق مستوئي موجب، ڇت ڪرڻ جي واقعي ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب، گهر جي ڇت لينٽر ٺهيل هئي، ڇت کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري هو، پر ڇت ريتي ۽ بجري جو وزن برداشت نه ڪري سگهي. گلشن اقبال پوليس جو چوڻ آهي ته گهر جي ڇت ڪمزور بيم سبب ڪري پئي. ڇت ڪرڻ سان متاثر ٿيل خاندان جو تعلق بنون سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو