اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪراچي ۽ پشاور جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سخت متاثر ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن،صارفين موجب ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، گلشن ۽ ڪارساز جي ڪيترن ئي هنڌن تي انٽرنيٽ جي رفتار متاثر آهي،صارفين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ وائي فائي سروس پڻ متاثر آهي.ٻئي طرف پشاور جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس جي سست رفتاري سبب صارفين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.صارفين جو چوڻ آهي ته کين برائوزنگ ۽ ڊائون لوڊ ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، سستي انٽرنيٽ سبب آن لائين ڪاروبار به پريشان آهن.پشاور ۾ صارفين جو چوڻ آهي ته وائس نوٽس، فوٽوز، وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ ۽ ڊائون لوڊ ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.
