ڪراچي ۾ طوفان سان گڏ برسات ۽ ڳڙو، موسم خوشگوار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ آنڌاري سان گڏ برسات ۽ ڳڙو پيو، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. موسميات کاتي موجب سپر هاءِ وي، اسٽيل ٽائون، گلشن حديد، گڏاپ ٽائون، ملير، نارٿ ڪراچي، گلشن معمار ۽ گلستان جوهر ۾ مينهن وسيو، گلشن اقبال، شاهراهه فيصل، ايڪسپريس وي ۽ قيوم آباد ۾ تيز هوائون گهليون. برسات کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ 150 کان وڌيڪ فيڊر متاثر ٿيڻ سان بجلي فراهمي متاثر ٿي وئي، ابوالحسن اصفهائي روڊ، اسڪيم 33، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، ملير، ماڊل ڪالوني، گلشن حديد ۽ ٻيا علائقا متاثر ٿيا. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته جمعي ۽ ڇنڇر تي 40 ڊگري رڪارڊ ٿيڻ جي اڳڪٿي آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي جي موسم ايندڙ 4 کان 5 ڏينهن دوران گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو