ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ کان ڪراچي ۾ گرم موسم جي اڳڪٿي ڪئي آهي،موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ کان موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي ۽ سڀاڻي کان گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان ڪراچي ۾ گرمي پد 35 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ٿي سگهي ٿو. ڏينهن جي اڪثر وقت ۾ گرم ۽ خشڪ هوائون اتر اولهه کان هلنديون، جڏهن ته شام جو سامونڊي هوائون ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي وڌيڪ چيو آهي ته گرم موسم جي شدت 12 مارچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ اولهه جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ اترين علائقن کي متاثر ڪري سگهن ٿيون ۽ 12 مارچ کان پوءِ ڪراچي ۾ گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
