ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن، شهرين کي تڪليف آهي: ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن، جنهن سبب شهرين کي تڪليف ٿي رهي آهي. ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ تمام گهڻا چئلينجز آهن.شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن ۽ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته برساتون ختم ٿيندي ئي روڊن جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.صوبائي وزير اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن، جنهن سبب عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي پر جتي روڊ خراب آهن، حڪومت انهن جي مرمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته شهر ۾ بس سروس به فعال آهي ۽ ريڊ لائن آهي. ڪم جاري آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته اسان وفاقي حڪومت ۾ شامل ناهيون، ڪراچي کي اهو حصو نه مليو جيڪو وفاق کان ملڻ گهرجي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يونس خان تمام سٺو ڪرڪيٽر آهي پر ان سان متفق ناهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو