ڪراچي ۾ سومر کان خميس تائين تيز برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ڪراچي ۾ سومر کان تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات جي ماهر اويس حيدر جو چوڻ آهي ته هي اسپيل مون سون جي موسم جو هينئر تائين جو سڀ کان طاقتور اسپيل ثابت ٿي سگهي ٿو.اويس حيدر موجب سومر تي ڪراچي جي مضافاتي علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڱاري کان خميس تائين ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي، ان دوران تيز برساتن جو به امڪان آهي ۽ شهر ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي.موسميات جي تجزيه نگار وڌيڪ چيو ته جمعي تي به ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان آهن.ٻئي طرف موسميات کاتي ڪراچي جي موسم جي حوالي سان چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جو موسم گرم ۽ خشڪ رهندو ۽ ان دوران شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب 70 سيڪڙو آهي ۽ شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿي ويون آهن، سامونڊي هوائون 27 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو