ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اولهه جي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي مفتي تقي عثماني تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس 6 نامعلوم ملزمن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڪراچي اولهه اظفر مهيسر موجب ايس ايڇ او عديل افضل جي مديت ۾ داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇهه ملزم ٽن موٽر سائيڪلن تي آيا ۽ مفتي تقي عثماني جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ پوليس گارڊ محمد فاروق ۽ صنوبر خان فوت ٿي ويا، جڏهن ته مفتي صاحب جو ڊرائيور حبيب ۽ ساٿي مولانا عامر سخت زخمي آهن ۽ اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جتي ڊاڪٽرن سندن بيان وٺڻ کان منع ڪئي آهي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته حملو ڪندڙن بابت تفتيشڪارن کي اهم ڄاڻ ملي آهي ۽ سندن گرفتاري جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. يوم پاڪستان جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهن بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوليس کي قاتلن جو پتو پئجي ويو آهي پر هن وڌيڪ ڪو به تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ياد رهي ته جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ نيپا چورنگي وٽ مفتي تقي عثماني جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي هئي. سندس فيملي به ساڻس گڏ ڪار ۾ سوار هئي.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
