ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ انٽرنيشنل ڊفينس ايگزبيشن اينڊ سيمينار(آئيڊياز) کي نظر ۾ رکندي 24 نومبر تائين شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت عوامي اجتماعن ۽ احتجاجن تي پابندي لاڳو هوندي.رپورٽ موجب ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت ڪراچي ۾ 7 ڏينهن جي لاءِ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي اجتماع تي پابندي هوندي جڏهن ته شهر ۾ 18 کان 24 نومبر تائين احتجاج يا ڌرڻن جي اجازت نه هوندي.نوٽيفڪيشن موجب دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جي موقعي تي حفاظتي قدمن جي تحت مظاهرن ۽ ريلين تي پابندي آهي. دفاع واري وزارت ۽ ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن(ڊيبو) جي اهتمام ٿيندڙ دفاعي نمائش جي شروعات اڄ کان ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي وئي آهي جيڪا 22 نومبر تائين جاري رهندي.ملندڙ رپورٽن موجب نوٽيفڪيشن 18 نومبر تي ڪراچي ڊويزن ڪمشنر آفيس طرفان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل(اي آءِ جي) جاويد اختر اوڍو جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته عوامي اجتماع آئيڊياز 2024 ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ پرڏيهي مهمانن جي سيڪيورٽي لاءِ رسڪ پيدا ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ڪمشنر سيد حسن نقوي ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ سومر کان 7 ڏينهن تائين ڪنهن به قسم جي احتجاج، مظاهري، ڌرڻن، ريلين ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي مڪمل پابندي لڳائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي
آئيني بينچ جو پاڻمرادو نوٽيس، گم ٿيل ٻارن جي ڪيس ۾ رپورٽ طلب
افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي: ممتاز زهريٰ
پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي گرائونڊ جي تقريب
ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ڊي سيٽ
پاڪ فضائيه سربراهه جو آئيڊياز جو دورو، اسٽالز جو جائزو
سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو
شھدادپور ۾ پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،بلاول ڀٽو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڀارتي سپر اسٽار آلو ارجن جي فلم 300 ڪروڙ رپيا
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي