اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي لاءِ 700 ايڪڙ ايراضي تي ٻڌل زمين به مقرر ڪئي وئي آهي.حڪومت روس جي تعاون سان ڪراچي ۾ هڪ نئين اسٽيل مل جي قيام جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي، ٻنهي ملڪن انهي منصوبي کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.انهي سلسلي ۾ نائب وزير صنعت ۽ واپار روسي فيڊريشن اليڪسي گروزديو صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ملاقات ڪئي. رانا تنوير حسين ٻڌايو ته حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي 700 ايڪڙ ايراضي نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته لوهه جا وڏا ذخيرا(1887 ملين ٽن) سان مالا مال هجڻ جي باوجود پاڪستان تقريبن 2.7 بلين ڊالر جو لوهه ۽ اسٽيل درآمد ڪرڻ تي مجبور آهي. مقامي پيداوار، لوهه ۽ اسٽيل جي طلب وچ ۾ مستقل فرق آهي. گذريل سال فرق جو اندازو 3.1 ملين ٽن لڳايو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت روس جي تعاون سان نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ چاهي ٿي، روسي نائب وزير پنهنجي حڪومت ۾ اعليٰ سطح تي نئين اسٽيل مل جي تجويز پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان اسٽيل مل جون 2015 کان بند آهي ۽ انهي جي نجڪاري جون تجويزون به ڪيترائي ڀيرا پيش ڪيون ويون آهن.
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف