ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي يعقوب آباد ۾ پوليس جو سرچ آپريشن دوران مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا. پوليس موجب اقبال مارڪيٽ جي علائقي ۾ پوليس جي سرچ آپريشن دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار زخمي ٿي پيا، جيڪي اسپتال منتقلي دوران فوت ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار، ايمونيشن، موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ 2 موبائل فونز هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ نجيب الله پٽ فيض الله ۽ فهيم پٽ جان محمد طور ٿي آهي، جيڪي پوليس کي گهربل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو