ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياقت آباد بي-1 ۾ ڀائٽي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل چاچو فوت ٿي ويو، پوليس موجب جهيڙي دوران ڀائٽي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ سندس چاچو زخمي ٿي پيو،پوليس جو چوڻ آهي ته ڀائٽيو فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو،پوليس جهيڙي ۾ ملوث ٽن ٻين شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مکيه شڪي جي ڳولا جاري آهي.
