ڪراچي ۾ چهلم جي مرڪزي جلوس لاءِ متبادل رستا جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس ڪربلا جي شهيدن جي ماتمي جلوس کي چهلم تائين متبادل رستا جاري ڪري ڇڏيا.ٽريفڪ پوليس موجب ناظم آباد کان ايندڙ ٽريفڪ لسبيلا چوڪ کان نشتر روڊ، لياقت آباد کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ تان هٽي کان لسبيلا چوڪ ڏانهن ڊورٽ ڪئي ويندي، جڏهن ته شاهراهه قائدين کان ايندڙ ويندڙ ڪشمير روڊ کان وڃي سگهندا. چهلم جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان نڪرندو، جلوس پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه تي اختتام پذير ٿيندو.ٻئي طرف سڄي سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو