ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي رامسوامي اربع ولي اسٽريٽ ۾ هڪ عمارت جي پهرين منزل جي دريءَ مان ڪرڻ سبب هڪ ڇوڪري زخمي ٿي پئي.پوليس ٽن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جن ۾ ڇوڪري جو مامو به شامل آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ڇوڪري کي سول اسپتال نيو ويو، پر سندس بيان نه ورتو ويو.پوليس اختيارين موجب، ڇوڪري جي هوش ۾ اچڻ کان پوءِ بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.
