ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ گارڊ کان حادثاني طور هلندڙ گولي سان سندس ساٿي گارڊ مارجي ويو، پوليس موجب، واقعو ڪراچي جي گلشن اقبال جي بلاڪ 6 ۾ پيش آيو،پوليس جو چوڻ آهي ته حسن جو موت ساٿي سيڪيورٽي گارڊ جي غلطي سان گولي لڳڻ سبب ٿيو. سيڪيورٽي گارڊ اسحاق کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ جاري ڪئي وئي آهي.
