ڪراچي ۾ گند جي ڍير تان نينگريءَ جو ٻوري بند لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي صدر ۾ لڪي اسٽار وٽ گند جي ڍير تان هڪ نينگريءَ جو ٻوري بند لاش هٿ آيو، پوليس لاش جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون،پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته نينگري کي اغوا بعد قتل ڪري لاش گند جي ڍير تي اڇلايو ويو،سي سي ٽي وي فٽيج جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، جلد جوابدارن کي پڪڙيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو