ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ بعد بلوچ يڪجهتي ڪميٽي يعني بي واءِ سي پاران اعلانيل احتجاجي مظاهري کي پوليس روڪي ڇڏيو ۽ گڏ ٿيل مظاهرين جي اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪري مظاهرين کي منتشر ڪري ڇڏيو. ڪوئٽا ۾ جمعي تي ڌرڻو ختم ڪري ماهه رنگ بلوچ کي 16 ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڇنڇر تي ڪوئٽا ۾ ٿيل احتجاج تي پوليس ڳوڙها گيس ۽ واٽر ڪينن بعد لٺ بازي ڪري کين منتشر ڪيو هو، جنهن خلاف اڄ ڪراچي پريس ڪلب آڏو بي واءِ سي احتجاج جو اعلان ڪيو هو. احتجاج کان اڳ ڦوهارا چوڪ وٽ گڏ ٿيل مظاهرين مان صدف امير صحافين کي ٻڌايو ته سندس والد امير بخش کي جبري طور گم ڪيو ويو آهي. اسانجو پر امن احتجاج آهي پر پوليس تشدد ڪري رهي آهي. ڪمشنر ڪراچي اڄ شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪري هر قسم جي احتجاج ۽ مظاهرن تي پابندي لاڳو ڪئي هئي. اهڙو حڪم ايندي ئي پريس ڪلب جي چوڌاري پوليس رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ صحافين کي به ڪلب اچڻ وڃڻ ۾ مشڪل پيش آئي. ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، رپورٽون آهن ته گهرو وزارت جي درخواست ڪمشنر اها پابندي لاڳو ڪئي آهي جنهن جو مقصد امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي.ڪنهن به احتجاج کي نظر ۾ رکندي نوٽيفڪيشن جاري ٿيندي ئي ڪراچي پريس ڪلب جي چوڌاري سمورا رستا، گاڏيون بيهاري بند ڪيون ويون آهن جنهن سبب چوڌاري ٽريفڪ جام ٿي ويو آهي.پريس ڪلب ٻاهريان احتجاج ڪيو پوليس فوهارا چوڪ تي ايندڙ مظاهرين کي گرفتار ڪيو گرفتارين ۾ سميع الدين سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو احتجاج جي ڪري روڊن کي بند ڪيو ويو جنهن سبب شهرن جي مک روڊن تي ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ٻئي پاسي پريس ڪلب لڳ 2 ٻيا احتجاج ڪيا ويا جن ۾ بي ايل اي ۽ بي واءِ سي کي ڀارتي اجنٽ قرار ڏيندي انهن خلاف نعرا هنيا ويا. هڪ جلوس ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.
