ڪرپشن گهٽ ٿي ته قرضن جي ضرورت ئي نه پوندي: خواجا آصف

سيالڪوٽ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪرپشن 50 سيڪڙو گهٽ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. سيالڪوٽ ۾ ايوان صنعت ۽ واپار ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي انتها آهي، جيڪڏهن ڪرپشن 50 سيڪڙو گهٽ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ملڪ ترقي جي رستي تي هلي پيو آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل هڪ سال کان ملڪ آءِ ايم ايف جي دٻاءُ مان گزري رهيو آهي، پر ملڪ اندر استحڪام جي ضرورت آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سان بهتري ايندي.بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هو ايوان صنعت ۽ واپار جي مسئلن کان آگاهه آهن، پر سيالڪوٽ شهر جو ڪلچر سامهون آهي، پرائيويٽ ڀائيواري سان ايئرپورٽ ۽ اڏامن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي. هن چيو ته گذريل ٽن چئن مهينن کان کيس پورٽ شپ جي ٽاسڪ فورس جو چيئرمين بڻايو ويو آهي، هڪ ڪنٽينر کي آپريٽ ڪرڻ لاءِ 6 ڪلاڪن جو وقت گهربل هوندو آهي، گاڏين مان ٽريڪر لاهي ٻين گاڏين ۾ لڳايا ويندا آهن. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هوابازي واري وزير پاڪستاني ايئر لائن لاءِ خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي، سال جي شروعات کان ايئر سيال، ايئر بليو ۽ فلائي جناح کي دبئي جي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ جي اجازت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو