ڪرڪيٽ آسٽريليا جو پاڪستان فين زونز جي ٽڪيٽن جو اعلان

برسلز (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان فين زونز جي ٽڪيٽن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سڀني هنڌن لاءِ فين زون ٽڪيٽن جي قيمت 30 AUD کان 45 AUD ۽ ميلبورن ODI لاءِ پاڪستان فين زون جي ٽڪيٽن جي قيمت 30 AUD هوندي.ان کان علاوه ايڊيليڊ ۽ پرٿ ون ڊي ميچن جي ٽڪيٽن جي قيمت 45 ڊالر آهي جيڪا 39 ڊالرن ۾ پري سيل ۾ بک ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته برسبين ۽ سڊني ۾ پاڪستان فين زونز جي ٽڪيٽن جي قيمت 30 ڊالر آهي.هوبارٽ ۾ پاڪستان فينس زون لاءِ ٽڪيٽن جي قيمت 45 ڊالر آهي جيڪا اڳواٽ سيل ۾ $39 ۾ بک ڪري سگهجي ٿي.ٽڪيٽن جو اڳوڻو وڪرو 4 جون کان شروع ٿيندو جنهن لاءِ 3 جون تائين رجسٽريشن لازمي آهي، بغير رجسٽريشن جي ٽڪيٽن جي عام وڪري 14 جون کان شروع ٿيندي.واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نومبر ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو