نئين دلي(ويب ڊيسڪ)دنيا جو بهترين بيٽسمين سمجهو ويندڙ سچن ٽنڊولڪر انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته بيٽسمين لاءِ هيلمٽ لازمي قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته فاسٽ بالر هجي يا اسپنر بيٽسمين کي خطرو رهي ٿو ۽ سندن حفاظت لاءِ هيلمٽ پائڻ ضروري آهي.هن چيو ته تازو دبئي ۾ کيڏيل آءِ پي ايل جي ميچ دوران ڪنگز اليون پنجاب جي فيلڊر پاران ٿرو ڪيل بال سن رائيزر حيدرآباد جي بيٽسمين وجي شنڪر جي هيلمٽ تي لڳو ته هو زمين تي ڪري پيو.
ٽنڊولڪر ان واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته ڏينهون ڏيهن راند تيز ٿيندي پئي وڃي ان ڪري آءِ سي سي کي گهرجي ته هو هيلمٽ کي لازمي قرار ڏئي.