ڪرڪيٽ چيئمپينز ٽرافي ۽ انڊيا جو اچڻ کان انڪار

سيد غلام مصطفي شاھ
2025ع ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جيڪا 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۾ ٿيڻي آهي جنهن ۾ اٺ ٽيمون حصو وٺنديون ۽ پنجاھ اورن تي مشتمل اهو ايونٽ هوندو.
ٽيمون جن حصو ورتو آهي انهن ۾ پاڪستان، انڊيا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، بنگلاديش، سائوٿ آفريڪا، انگلينڊ ۽ افغانستان شامل آهن. اهي ميچون ڪراچي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون. انهيءَ ميگا ايونٽ ٿيڻ جون تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن، ڪرڪيٽ جي ميدانن کي تيار ڪيو پيو وڃي ۽ اربين روپين جي لاڳت سان پچز تيار ڪيون پيون وڃن، پاڪستان لاءِ اها ڳالھ باعث فخر آهي ايڏو وڏو ايونٽ ڪرائڻ. اچانڪ ڪجھ ڏينھن کان ميڊيا تي اهي ڳالھيون بريڪ پئي ڪيون ويون تہ هندوستاني ٽيم پاڪستان جو دورو نہ ڪندي جنهن ڪري ايڏي وڏي ايونٽ کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو، اها ڳالهه ڪرڪيٽ جي مشهور ويبسائيٽ ڪرڪ بز خبر ڏني هئي پر انجي ڪا بہ تصديق نہ پئي ٿي سگهي پر اچانڪ رات جو پاڪستاني ميڊيا ۽ هندوستاني ميڊيا تي تصديق پڻ ڪئي وئي تہ اها ڳالھ درست آهي ته انڊين ڪرڪيٽ بورڊ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي تہ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نہ ويندي ۽ انڊيا جون رٿيل ميچون ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪيون وڃن. انهن دبئي يا سريلنڪا جي چونڊ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.ياد رهي تہ آءِ سي سي چيئمپينز ٽرافي ايونٽ 2017ع ۾ ختم ڪري ڇڏيو هو پر وري 2025 ع اهو ايونٽ ڪرائڻ لاءِ 2023 ع ۾ انائونس ڪيو ويو ۽ چونڊ پاڪستان جي ڪئي وئي، اهو چيمپيئنز ٽرافيءَ جو اٺون ايڊيشن هوندو. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي شروعات 1998ع کان ٿي پهريان انھيءَ ايونٽ کي آءِ سي سي ناڪ آئوٽ چيو ويندو هو پوءِ 2008ع ۾ انهيءَ جو نالو تبديل ڪري آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي رکيو ويو، شروعات ۾ اهو ايونٽ هر ٻن سالن کانپوءِ منعقد ڪيو ويندو هو پر پوءِ ان ۾ بہ تبديلي آندي وئي ۽ انکي هر چار سالن کانپوءِ ڪيو ويو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي) پاڪستان کي تحريري طور آگاھ ڪيو آهي تہ انڊيا پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪاري آهي جنهن ڪري ميچون پاڪستان کان ٻاهر ڪٿي ٻئي ملڪ ۾ رکيون وڃن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل هڪ اي ميل ذريعي اهو واضع ڪيو تہ انڊيا، پاڪستان ۾ کيڏندي، جنهن ۾ سڪيورٽي جو مسئلو اهم آهي. جڏهن تہ پي سي بي طرفان ميچن جو شيڊول يارنهن نومبر تي پيش ڪرڻو هو پر ان ۾ بہ دير ڪئي وئي آهي. جڏهن تہ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل مطابق ڪنهن بہ وڏي ايونٽ جو اعلان هڪ سئو ڏينهن پهريان ڪرڻو هوندو آهي. هاڻي اهو ڏسجي تہ پاڪستاني حڪومت ڪھڙو فيصلو ڪري ٿي ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ صورتحال واضع ٿي ويندي. 1996ع ۾ ايشيا کنڊ (سريلنڪا) ۾ ٿيندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي انٽرنيشنل ڪائونسل ( آءِ سي سي) طرفان سندن پوائنٽون ڪٽيون ويون هيون.جڏهن تہ ميڊيا جي خبرن مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اهڙي صورتحال ۾ سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي.ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جو پڻ چوڻ هو تہ جيڪڏهن انڊيا جي ٽيم پاڪستان نٿي اچي تہ پاڪستان ڪڏهن بہ انڊيا سان ڪا ميچ نہ کيڏندو. انڊيا جي نه اچڻ سان روينيو تي بہ فرق پئجي سگهي ٿو، پر پاڪستان طرفان ڪنهن به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو