دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. آءِ سي سي موجب اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ کي شامل ڪري آءِ او سي ڀارتي مارڪيٽ مان وڏو ڪمائي سگهي ٿو. ان حوالي سان آءِ سي سي جي راءِ آهي ته آءِ او سي ميڊيا جي حقن جي مد ۾ ڀارت کان 130 کان 260 ملين ڊالر ڪمائي سگهي ٿي. پيرس 2024 اولمپڪس لاءِ IOC جي هندستاني مارڪيٽ لاءِ ميڊيا جا حق $31 ملين آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جا 1 ارب کان وڌيڪ مداح آهن، 90 سيڪڙو مداح چاهين ٿا ته ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪيو وڃي. لاس اينجلس جي اڳوڻي ميئر ۽ ڀارت ۾ آمريڪي سفير ايريڪ گارسٽي ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي سفير ايريڪ گارسٽي چيو آهي ته آمريڪا ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ سي سي ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جي جي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. آءِ سي سي سفارش ڪري ٿي ته اولمپڪس ۾ 6.6 مردن ۽ 6 عورتن جون ڪرڪيٽ ٽيمون ٽي 20 فارميٽ ۾ کيڏن. رپورٽن مطابق ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ جو حتمي فيصلو آڪٽوبر ۾ ممبئي ۾ ٿيندڙ آءِ او سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو