ڪرڪٽر ديسي کاڌن تي ڪڙڪي پيا، آلو پراٺا ۽ قيمي وارا نان

لاهور(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي ڊگهي دوري کان پوءِ واپس ايندڙ قومي ڪرڪٽ ٽيم جا رانديگر ديسي کاڌن تي ڪڙڪي پيا آهن. پي سي بي  پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهيون ڪندي وهاب رياض چيو ته هڪ مشڪل دوري کان پوءِ واپس آيو آهيان. آلو وارا پراٺا، قيمي وارا نان کاڌا آهن. فيملي سان گڏ هوٽل تي به ويو هئس ۽ دوستن سان گڏ آئسڪريم به کاڌي. شاداب خان چيو ته ڪيترن ئي هفتن کان پوءِ گهر ڀاتين سان وقت گذارڻ جو موقعو مليو.محمد موسيٰ ۽ حارث روئوف ڪوهه مري گهمڻ ويا جتي هنن ديسي کاڌن جو مزو ماڻيو آهي. حيدر علي چيو آهي ته گهر ڀاتين سان گڏ خوشگوار لمحا گذاريا هاڻ ڪنهن تفريحي هنڌ تي به انهن سان گڏ ئي وڃڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهيان. ياد رهي ته قومي ٽيم ٽن ٽيسٽ ميچز ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز لاءِ 9 هفتا انگلينڊ ۾ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو