ڪشميري عوام کي انصاف ڏيڻ سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل قومن ۾ ڪشمير تي قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو آهي.وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي، سلامتي ڪائونسل ۾ منعقد ٿيل هڪ کليل بحث کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام سان راءِ شماري ذريعي خود اراديت جي حق جو واعدو ڪيو ويو هو.طارق فاطمي چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته ڪشميري عوام جي هن حق کي يقيني بڻائي، ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اڃا تائين سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي، ۽ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي جي بحالي ان ۾ اثرائتو ثابت ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري عوام جي هن حق کي يقيني بڻائڻ سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو