ڪشمير تي ڀارت حملو ڪري قبضو ڪيو، جيڪو غلط آهي، مهاتير

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد چيو آهي ته ڀارت ڪشمير تي حملو ڪري قبضو ڪيو آهي، سندن اهو قدم اقوام مٽحده جي ٺهرائن جي خلاف ورزي آهي. اهڙو اظهار هن اقوام متحده جي 74 هين جنرل اسمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو  ته ڀارتي اپائن جو ڪو  سبب هجي پر ان جي باوجود به سندن قدم غلط آهن. هن ڀارت کي صلاح ڏني ته پاڪستان سان گڏجي ڪشمير جو پرامن حل تلاش ڪري. مهاتير محمد ڪشمير کي هڪ علحده ملڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ڍهرائن تي عمل ڪرائڻ هن اداري جي ذميواري آهي. ياد رهي ته پاڪستان جي وزيراعظم گذريل ڏينهن هن فورم تي 45 مٽن کان وڌيڪ جي تقرير ۾ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي وائکو ڪندي دنيا جي ليڊرن جو ضمير جنجهوڙيندي چيو هو ته 55 ڏينهن کان ڪشمير ۾ ڀارت ڪرفيو لڳايو آهي، 13 هزار نوجوانن کي غائب ڪيو آهي ۽ سڄي ڪشمير قيادت کي قيد ڪيو آهي. هن چيو هو ته دنيا ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ سوا ارب جي مارڪيٽ جي مفادن کي انساني حقن جي خلاف ورزين تي ترجيح نه ڏيو. عمران خان کانپوءِ مهاتير محمد ٽيون مسلمان ليڊر آهي جنهن ڪشمير بابت ڀارتي قدمن جي مخالفت ڪئي آهي، ان کان اڳ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوغان به ڪشميرين جي حق ۾ ڳالهايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو