ڪشمير مسئلو ڪنهن جنگ يا ڏاڍ سان حل نه ٿيندو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڀارت کي ياد ڏياري ٿو ته ڪشمير 5 آگسٽ جهڙن قدمن سان ان جو حصو نٿو بڻجي سگهي. آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنهنجي ساٿين سان گڏ 24 ڪروڙ عوام طرفان يڪجهتي جي اظهار لاءِ حاضر ٿيو آهيان، اسان ڪشمير جي عظيم شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته 5 فيبروري ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ اسان جي پختي عزم کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن ڀارت کي ياد ڏياري ٿو ته 5 آگسٽ جهڙن قدمن سان ڪشمير ان جو حصو نه بڻجندو، ڀارت جي مفاد ۾ آهي ته هو اهڙي سوچ مان نڪري، ڇو ته ڪشمير مسئلو ڪنهن جنگ يا ڏاڍ سان حل نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اسان هر فورم تي ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريو آهي ته ۽ اٿاريندا رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو