ڪـٔنالن خلاف پيپلزپارٽي به روڊن تي

حبيب ٽالاڻي
سنڌو درياھ نه رڳو اسان سنڌ جي ڪروڙين سنڌي ماڻھن جي جياپي جو سھارو آھي پرسنڌو جي پويتر پاڻي تي سنڌ جي خوشبودار مٽي جي ڪک مان پيدا ٿيندڙ اناج توڙي ان انجاج جي ڪماـٔي جو ھڪ وڏو حصو ملڪ جي ٻين صوبن طرف به ھليو وڃي ٿو ان ڪري ته ملڪ جي صوبن جي ڪماـٔي مڪمل طور تي صوبن حوالي ناھي ٿيندي صوبن جي ڪماـٔي جو ھڪ وڏو حصو وفاق طرف به ھليو ويندو آھي جتي اھا رقم وري ورھاـٔي ويندي آھي ان حساب سان سنڌ مان ٿيندڙ آمدني سڄي ملڪ ۾ پھچي ٿي سنڌ آمدني جي حساب سان سڀني صوبن کان وڌيڪ ناڻو ڪماـٔيندڙ صوبو آھي پر ان جي باوجود به وفاق پاران ھميشا ناانصافيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿينديون رھيون آھن سنڌ جتي تيل گيس ڪوـٔلي سميت ٻيا معدني وسيلا نڪرن ٿا اھي سڌي طرح سنڌ صوبي جي مالڪي ۾ اچڻ بدران وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ھليا ويندا آھن توڙي جو آـٔيني طريقي سان ڪنھن به علاـٔقي مان نڪرندڙ معدني وصيلن تي اتان ماڻھن جو بنيادي حق ھجي ٿو پر پوء به سنڌ صوبي سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري اسان جي ڌرتي جي معدني وسيلن کان ھميشا اسان کي ـٔي محروم رکيو ويو آھي مرڪزي حڪومتي سطح تي سنڌ صوبي سان اھڙي ويڌن تي ڪجھ مھينا اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ھو ته ٿرمان ڪوـٔلي تي پيدا ٿيندڙ بجلي سڌي طرح پنجاب طرف ويندي آھي ھڪ يونٽ بجلي به سنڌ صوبي کي نه ٿي ملي وري سيد مراد علي شاھ گـٔس بابت به اھو چيو ھو ته سنڌ مان نڪرندڙ گـٔس تي پھريون حق سنڌ صوبي جو آھي پروفاق پاران سنڌ کي حصي جي گـٔس کام به محروم رکيو پيو وڃي سيدمراد علي شاھ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ھو ته ڪراچي ۾ گــٔس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاء قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ کي حصي موجب وسيلا ڏنا وڃن پر وفاق حڪومت ڪجھ به ٻڌڻ کان قاصر رھي ۽ سنڌ کي قدرتي وصيلن مان آـٔيني حصو ڏيڻ ته پري جي ڳالھ رھي ويتر پنجاب سنڌو جي پاڻي تي نظروجھي سنڌوء تي وڌيڪ ڪـٔنال ٺاھڻ شروع ڪيا ۽ وفاقي حڪومت اھڙي ويڌن کي روڪڻ بدران پنجاب جي پاسي بيھي وفاقي سرڪار جا فرض نڀاـٔڻ بدران پنجاب جي صوباـٔي سرڪار جي ونگار وھڻ لڳي  سنڌوء تي نوان ڪـٔنال ٺاھڻ خلاف مھينن کان سڄي سنڌ سراپاـٔي احتجاج بڻيل آھي پر وفاقي سرڪار بلڪل خاموش تماشاـٔي بڻجي ويٺي آھي صرف ان ڪري ته پنجاب ۾ نوازليگ وارن جي حڪومت آھي پنجاب زورزبردستي سنڌو درياھ تي نوان ڪـٔنال ٺاھڻ جو سلسلو شروع ڪري سنڌو درياھ کي سڪاـٔڻ جي سازش شروع ڪري ڇڏي آھي سو به ھڪ اھڙي صورتحال ۾ جڏھن ملڪ ۾  اڳي ـٔي پاڻي کوٽ انتھاـٔي عروج تي پھتل آھي سنڌ ۾ سنڌو جي پيٽ ۾ واري پـٔي  اڊامي خريف جي فصل لاء پاڻي ڍڪ به موجود ناھي آبادي ته پري جي ڳالھ آھي پيـٔڻ لاء به پاڻي ناڻلڀ بڻجندو پيو وڃي ھاڻي اھا صورتحال رھي ته سنڌو ندي سارو لٽجي ويندو سنڌ ۾ ڏڪار جنم وٺندو سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي ان ڪري  ـٔي سڄي سنڌ ۾ سنڌو تي ٺھندڙ ڪـٔنالن خلاف سنڌ ھڪ آواز ٿي احتجاج ڪري رھي آھي ھر شر ڳوٺ وستي واھڻ چوڪ چوراھي تي اسان کي احتجاج نظر اچي پيو قومي ڪارڪن وڪيل شاگرد ھاري ناري استاد نوجوان پڪا پوڙھامطلب ته ھر طبقي سان تعلق رکندڙ ھر فرد ۽ سڀـٔي قومي سياسي سماجي تنظيمون وس آھر احتجاج ڪن پيون ته اسان جي سنڌو تي ڪـٔنال ٺاھي سنڌ سڪاـٔڻ بند ڪيو ان ڪري ته سنڌو ندي ڪروڙين سنڌين جي جياپي ۽ خوشحالي توڙي سنڌ جي وجود ۽ بقا جو واحد ذريعو آھي ھاڻي ته پيپلزپارٽي به سنڌو ء تي ڪـٔنالن جي اڏاوت خلاف روڊن تي نڪتي آھي اڄ پيپلزپارٽي پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا پيا وڃن ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيل پنھنجي خطاب ۾ پڻ اھو چيو ھو ته سنڌو تي ڪـٔنال ٺاھن سان وفاق تي ان جا ناڪاري اثر پـٔجي رھيا آھن پروفاقي حڪومت صدر آصف علي زرداري جي ڳالھين تي به ڌيان ڪو نه ڏنو ان کان به اڳ بلاول ڀٽو ڪيتراـٔي ڀيرا سنڌوء تي ڪـٔنالن جي تعمير جي سخت مخالفت ڪـٔي پر ڪجھ به  ڪو نه  ٿيو آخر مجبور ٿي پيپلزپارٽي اڄ روڊن تي نڪتي آھي مرڪز ۾ پيپلزپارٽي نوازليگ جي حڪومت کي سپوٽ ڪري پـٔي مٿان وري وفاقي بجيٽ اچي پـٔي اھڙي وقت تي پيپلزپارٽي پاران احتجاج ڪرڻ تي ھاڻي وفاقي حڪومت ضرور پيپلزپارٽي سان رابطو ڪندي ڏسجي ته اڳ تي ڇا ٿو  ٿـٔي پر حيرت واري ڳالھ اھا آھي ته جتي ھڪ پاسي سڄي سنڌ سنڌو تي ٺھندڙ ڇھن ڪـٔنالن خلاف سخت احتجاج پـٔي ڪري مٿان پنجاب حڪومت سنڌو تي ٽي وڌيڪ ڪــٔنال ٺاھڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آھي ۽ ان سلسلي ۾ بجيٽ ۾ رقم به رکي پـٔي وڃي مطلب ھاڻي سنڌو تي ڇھ نه پر  نو9  ڪـنال ٺھندا ان مان اھو ظاھر ٿـٔي پيو ته پنجاب سنڌو ۾ ڍڪ پاڻي ڇڏڻ به نه ٿو چاھي جو ھڪ پاسي سڄي سنڌ احتجاج پـٔي ڪري ٻـٔي پاسي پھريان ڪـٔنال ته ڇٽا ٽي نوان ڪـٔنال ٺاھڻ جومنصوبو جوڙيو ويو آھي پر وفاقي حڪومت اڃام به خاموش تماشاـٔي بڻيل آھي ۽ ملڪي اسٽيبلشمنٽ ڪـٔنالن خلاف سنڌ جي عوام جي احتجاج توڙي پيپلزپارٽي قيادت جي  احتجاج کي نظرانداز ڪندي پـٔي اچي ان ڪري ـٔي اھا صورتحال پيدا ٿي آھي ته اڄ ھڪ صوبي اندر حڪومتي پارٽي ٻـٔي صوبي خلاف احتجاج ڪري رھي آھي اھا صورتحال ملڪي يڪجھتي لاء ڪنھن به ريت فاـٔديمند ناھي ان ڪري وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جي احتجاج خاص پيپلزپارٽي جي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ احتجاجن جو نوٽس وٺڻ گھرجي جيـٔن حالتون بھتر ٿي سگھن ۽ سنڌ صوبي ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ناانصافيون بند ٿين جي ھاڻي به وفاق ۽ پنجاب حڪومت ضد تان نه لٿيون ته پوء پيپلزپارٽي وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به آپشن نه ھوندو ته پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار کان پنھنجي حمايت واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ھن سڄي صورتحال ۾ اڄ سڄي سنڌ سنڌو تي ٺھندڙ ڪـٔنالن خلاف احتجاج پـٔي ڪري پيپلزپارٽي پڻ ان احتجاج ۾ شامل ٿي چڪي آھي وڪيل شاگرد سياسي سماجي مذھبي پارٽيون استاد شاگرد ھاري ناري سميت ھر فرد ھرتنظيم احتجاج پـٔي ڪري ته سنڌو تي ڪـٔنال نه کپن پر ھڪ متحدا قومي موومنٽ بلڪل خاموش آھي پر ايم ڪيو ايم کي اھو نه وسارڻ گھرجي ته اھي به سنڌو جي سھاري ساھ پيا کڻن ڪراچي ۾ رھندڙ ھر ماڻھو سنڌو جو پاڻي پيـٔي ٿو ان ڪري سنڌو ندي سڪڻ سان رڳو سنڌ جي زراعت تباھ نه ٿيندي پر سنڌو سڪڻ سان ڪراچي وارا به پاڻي ڍڪ لاء سڪندا پر ايم ڪيو وارن کي سنڌ کان وڌيڪ پنھنجا مفاد عزيز آھن ان ڪري ايم ڪيو ايم سنڌين جي احتجاج کان پري بيٺي آھي ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿـٔي پيپلزپارٽي پاران سنڌو تي ٺھندڙ ڪـٔنالن خلاف احتجاج ڪرڻ سان وفاقي سرڪار ھاڻي اڳ جيـٔان سنڌ جي احتجاج کي نظر انداز ڪرڻ واري پوزيشن ۾ نه ھوندي پر سوال اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته پنجاب ۾ سنڌو تي ٺھندڙ ڪـٔنالـن جو ھلندڙ ڪم آخر بند ڪيـٔن ٿيندو ان ڪري  ته انھن ڪـٔنالن مان ڪجھ ڪـٔنالن جو ڪم گھڻي حد تاـٔين مڪمل ٿي چڪو آھي بحرالحال ھن وقت اھم اڳبراـٔي اھا آھي ته پيپلزپارٽي ايوانن مان ٻاھر نڪري ڪـٔنالن خلاف احتجاج ڪندڙن ۾ شامل چڪي آھي ۽ ھاڻي اسلام آباد جي ايوانن ۾ به پڪ سان پيپلزپارٽي ڪـٔنالن خلاف ڀرپور احتجاج ڪند نظر ايندي

پهنجو تبصرو موڪليو