ڪلاڪن جو جهنجهٽ ختم، هاڻي فون ٿيندي جهَٽِ پَٽِ چارج

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)موجوده دور ۾سمارٽ فونز کي چارج ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي ڪافي بھتر ٿي چڪي آهي، پر اڃا تائين ڪنهن فون کي 100 سيڪڙو چارج ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ جو انتظار ضرور ڪرڻو پوي ٿو.پر هاڻي تمام جلد اوهان پنهنجي سمارٽ فون کي رڳو 5 سيڪنڊن ۾ مڪمل چارج ڪري سگھو ٿا. سچ پچ هڪ ڪمپني اهڙي ڊيوائس تيار ڪئي آهي جيڪا ڪجهه سيڪنڊن اندر اوهان فون کي چارج ڪري سگهي ٿي. سويپ اٽ نالي هن ڊيوائس کي لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو (سي اي ايس) ۾ پيش ڪيو ويو. ظاهري طور اِها ڊيوائس ڪنهن ٽشو باڪس جهڙي نظر اچي ٿي پر ان جي کليل مُنهن ۾ اوهان کي فون انسرٽ ڪرڻو پوندو. فون اندر وڃڻ کانپوءِ رڳو ٻن سيڪنڊن ۾ هڪ نئين بيٽري سان ٻاهر ايندو ۽ ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ ڪو جادو ٿيو آهي. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي ڊيوائس سان گڏ هڪ مخصوص فون ڪيس جي ضرورت هوندي جنهن کي ڪمپني لنڪ جو نالو ڏنو آهي. ان ڪيس جي پويان هڪ بيٽري آهي جنهن کي ڊيوائس ۾ انسرٽ ڪيو ويندو آهي ۽ اها بيٽري پهريان کان مڪمل چارج ٿيل 3500 ايم ايڇ بيٽري سان بدجلي وڃي ٿي ته جيئن اوهان کي فون مڪمل چارج ملي. ڊيوائس تيار ڪندڙ ڪمپني موجب بيٽري تبديل ڪرڻ وارو عمل 2 سيڪنڊن ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿو ۽ حقيقت ۾ اهو ايترو تيز آهي جو اڪثر واهپيدارن کي ان جو پتو ئي ناهي پوندو. ڪمپني ٻڌايو ته هي ڊيوائس هر فون تي ڪم ڪري سگهي ٿي بس اوڳان وٽ سويپ اٽ ڪيس هجڻ گهرجي. ٻين فون ڪيسن جي ڀيٽ ۾ بيٽري سان گڏ هي ڪيس ٿورو ٿُلهو محسوس ٿئي ٿو پر پوءِ به گهڻو فرق ناهي هوندو. هن ڊيوائس ۾ مجموعي طور 5 بيٽريون موجود آهن ۽ ڪمپني موجب ڪنهن گهر جا پنج ڀاتي تيز رفتاري سان نئين مڪمل چارج ٿيل بيٽري پنهنجي فون جو حصو بڻائي سگهن ٿا. هڪ کانپوءِ جڏهن ٻيو واهپيدار ڊيوائس کي استعمال ڪندو آهي ته ان کي 4 سيڪنڊن تائين انتظار ڪرڻو پوندو. هي ڊيوائس هڪ مفت ايپ سان پڻ ڪم ڪري ٿي جيڪا اوهان جي بيٽري جا پرسنٽيچ چيڪ ڪري ٿي ۽ اوهان کي اهو اختيار ڏئي ٿي ته بيٽري کي ڪيترن سيڪڙو تائين چارج ڪرڻو آهي. هن ڊيوائس جي قيمت 450 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان سان گڏ هڪ ڪيس 120 ڊالر ۾ ملندو. ڪمپني موجب في الحال اوهان کي ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ هي ڊيوائس سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ موجود هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو