ڪلاڪ ۾ اُڪلائجندڙ ڪيسن ۾ ججن ورهيه لڳائي ڇڏيا: محسن اختر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيسن جي ٻڌڻي هيٺ ۽ وقت سر فيصلو نه ٿيڻ تي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هڪ ڪلاڪ ۾ حل ٿيڻ واري ڪيس ۾ ججن 10 سال لڳائي ڇڏيا.اسلام آباد جي علائقي ڪرپا ۾ زميني تڪرار بابت جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته وڏا وڏا جج آيا ويا پر ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته عوام جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو هڪ ڪيس ۾ 10 سال لڳا؟ 150 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون. جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيس ٻڌڻي هيٺ رکي عدالت ۽ عوام جو وقت وڃايو ويو. جسٽس محسن اختر ڪياني ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ زمين منتقلي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو