ڪمشنر ڪراچي تمر جي ٻيلن جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي ڪياماڙي ضلعي ۾ مختلف پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي ۾ جي حدن ۾ ڪچرو ڦٽو ڪرڻ ۽ تمر جي ٻيلن جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي ڪمشنر مينگروز ۽ سامونڊي پٽي کي حددخلين کان بچائڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، اها پابندي ڊي سي ڪياماڙي طارق حسين چانڊيو جي درخواست تي لڳائي وئي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪو به شخص يا ادارو به اهڙين سرگرمين ۾ ملوث نڪتو ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اها پابندي 23 ڊسمبر 2024 کان 2 فيبروري 2025 تائين هوندي. پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 188 تحت ڪيس داخل ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو