ڪوئٽا مان رات جو مسافر ڪوچز جي روانگي تي پابندي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا کان رات جو پبلڪ ٽرانسپورٽ کي سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ڪمشنر ڪوئيٽا حمزه شفقت جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رات جو ڪوئيٽا کان پبلڪ ٽرانسپورٽ کي سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته بسن ۽ ڪوچن جي بروقت روانگي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سڀني ڪوچن ۽ بسن ۾ ٽريڪر ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا فعال رکيا ويندا. ان سان گڏ، سڀني ٽرانسپورٽرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي حڪومتي قدمن سان مڪمل تعاون ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو