طفيل.مگسي
ڪميونزم ۽ سوشلزم جيئن ته ٻئي عوام جي نجي ملڪيت جي وڪالت ڪن ٿا۽ اهي برابري جا حامي ۽ محنت ڪش طبقي کي طاقت ڏيڻ چاهين ٿا.باوجود ان جي سوشلزم کي وڌيڪ وچولي نظريي جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو.ڪميونزم جي ڀيٽ ۾ اهو معشيت جي ڪجه حصن ۾ سرمائيداري جي مسلسل وجود جي اجازت ڏيئي ٿو ۽ انقلاب تي هوريان هوريان تبديلي جي وضاحت ڪري ٿو.ڪميونزم انسانيت جي شروعات کان ئي هڪ نظريي جي طور تي رهيو آھي.ليڪن فرانسيسي انقلاب کانپوء ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز ان کي هڪ اثر ڀريي سياسي نظريي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.اچو ته ڪميونزم جي باري ۾ ڳاله ڪريون.
ڪميونزم.ڇا آھي؟
ڪميونزم هڪ سيادي ۽ معاشي نظريو آھي.جيڪو پاڻ کي لبرل جهموريت ۽ سرمائيداري جي خلاف بيهاري ٿو ۽ اهو هڪ اهڙي طبقاتي نظام جي وڪالت ڪري ٿو.جنهن ۾ پيداوار جا بنيادي وسيلا گڏيل ملڪيت ۾َ ھجن ۽ نجي ملڪيت جو ڪو وجود ئي نه هجي يا ان تي سختي سان پابند هجي.ڪميونسٽ سمجهڻ واري معاشري جا تصور چوڏھين صدي ق.م ۾ ظاهر ٿيا هئا.فرانسيسي انقلاب جي دوران جديد ڪميونسٽ نظريو تيار ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ان جو بنيادي رستو.ڪارل مارڪس ۽ اينگلز(Communist Manifesto1848)۾ چيو هو.
ڪميونزم جي جديد استعمال جي شروعات Victor d’Hupay )کان ٿي.جيڪو 18صدي جو هڪ فرانسيسي حڪمران آھي.جنهن (“communes”) رهڻ جي وڪالت ڪئي.جنهن چيو ته سموريون جائيدادون ورهايون وينديون ۽ سڀني کي برابر جي علم کان فائدو ٿي سگهي ٿو.
ان وقت به اهو خيال شايد نئون هو.بائبل جو ڪتاب پهرين صديء جي مسيحي برادرين کي بيان ڪري ٿو.جيڪو (koinonia )جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.نظام جي مطابق گڏيل جائيداد رکن ٿا.هن بعد ۾ مذھبي گروهن جيئن ته 17صدي جي انگريزي(Diggers) کي نجي ملڪيت کي رد ڪرڻ جي رٿ ڏني.
فرانسيسي انقلاب جي دوران ڪميونسٽ نظريو وڌڻ شروع ٿيو ۽ ان جو بنيادي خيال ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز جي“ڪميونسٽ ميني فيسٽو“1848ع ۾ ڇپيو.ان پمفلٽ گذريل ڪميونسٽ فلسفين جي عيسائي دور کي رد ڪندي ماديت پسندي ۽ سياسي نظرين جو بنياد رکيو.مارڪس ۽ اينگلز لکيو“هينئر تائين واري موجوده سموري سماج جي تاريخ جدوجهد جي تاريخ آھي“
ڪميونسٽ ميني فيسٽو انقلاب فرانس کي هڪ نئين موڙ جي طور تي پيش ڪيو.جڏھن“بورزوازي واپاري طبقو جيڪو پيداواري وسيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي عمل ۾ ھو.جاگيرداراڻي طاقت کي دسي وڌو ۽ جديد سرمائيداراڻي دور جي شروعات ڪئي.ان انقلاب قرون وسطي جي طبقاتي جدوجهد جي جڳه وٺي ڇڏي.جنهن شرافت کي غلامي جي خلاف
يهاري ڇڏيو ۽ جديد انقلاب سرمايي جي بورزوا مالڪن کي“پرولتاريه“جي خلاف بيهاري ڇڏيو.جيڪو مزدور طبقي کي اجرت جي لاء پنهنجي محنت وڪرو ڪندو هو.جيئن ته هڪ مشھور مارڪسي نعرو چئي ٿو.
“ڪميونسٽ معشيت“هرهڪ کان سندس صلاحيت جي مطابق هرهڪ کان ان جي ضرورتن جي مطابق ڪم.وٺندي“
روس ۾ ھڪ بغاوت زار شاهي جو تختو اونڌو ڪيو ۽ پهرين جنگ عظيم جي دوران 1917ع ۾ گهرو ويڙھ کي جنم ڏنو .جنهن نيٺ 1922ع ۾ ولاديمير لينن جي قيادت ۾ مارڪسٽن جي هڪ امير گروپ تي قبضو ڪيو.جنهن کي بالشويڪ سڏيو ويو.هن سابق امپيرل روسي زمين تي سوويت يونين جو بنياد رکيو ۽ ڪميونسٽ ٿيوري کي مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي.
لينن بالشويڪ انقلاب کان اڳ ئي مارڪسي نظريي کي پيش ڪيو هو ۽ ان نظريي دليل ڏنو ته سياسي طور تي روشن خيال حڪمران جو هڪ گروه معاشي ۽ سياسي ارتقا.سوشلزم ۽ نيٺ ڪيمونزم جي اعلي مرحلن ۾ داخل ٿيڻ جي لاء ضروري هو.گهرو پيڙھ جي خاتمي کان فورن پوء لينن جي وفات ٿي وئي.ليڪن لينن جي ساٿي ۽ دوست جوزف اسٽالن جي قيادت ۾ “پرولتاريه“جي آمريت “سفاڪاڻي نسلي ۽ نظرياتي پاڪيزگي(pursue brutal ethnic and ideological purges)سان گڏوگڏ جبري زرعي گڏيل رستي جو پيڇو ڪيو.1922ع کان 1953ع تائين اسٽالن جي حڪومتي دور ۾ ڪروڙين ماڻھو مارجي ويا.جيڪي(Nazi Germany) سان گڏ جنگ جي نتيجي ۾ مرڻ وارن کان تمام گهڻا هئا.
سوويت يونين 1991ع ۾ معاشي ۽ سياسي نظام جي سڌاري ۽ انٽر پرائيز ۽ آزاد اظھار جي راء جي لاء ڪشادي گنجائش ميسر ڪرڻ کانپوء انهن سڌارن کي ترتيبوار (perestroika ) ۽ ( glasnost ) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.هنن 1980ع جي ڏھاڪي ۾ سوويت يونين کي پيش ايندڙ معاشي زوال کي نه روڪيو ۽ ممڪن طور تي جي وسيلن جي اڻاٺ تي پنهنجي هٿ ڍرا ڪري ڪميونسٽ رياست جي خاتمي ۾ تيزي آندي.
ڪميونسٽ چين.
چيني نيشلسٽ پارٽي ۽ امپيريل جاپان سان 20 سالن کان وڌيڪ جنگ کانپوء 1949ع ۾ مائوزي تنگ جي ڪميونسٽ پارٽي چين جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.هن دنيا جي ٻي وڏي مارڪسسٽ.لينينسٽ رياست قائم ڪئي.سابق سوويت يونين سان ملڪ جو اتحاد ڪيو .ليڪن سوويت يونين جي ڊي اسٽآلنائزشن ۽ سرمائيدار اوله سان گڏ“ پرامن گڏيل بقا “جي پاليسين جي سبب کان 19 جي آس پاس چين سان گڏ سفارتي ورهاست(diplomatic split) ٿي وئي.
ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻھراڙين وارين آبادين کي حڪم.ڏنو ته اهي 1958ع کان1962ع جي دوران( Great Leap Forward) جي وقت چين ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات جي لاء ڳچ مقدار ۾ اسٽيل تيار ڪن.انهيء عرصي( Great Chinese Famine)جي دوران گهٽ ۾ گهٽ 16ملين ۽ شايد 45ملين کان وڏيڪ ماڻھن کي اجل جو شڪار ٿيڻو پيو.
ڊينگ زيائوپنگ مائو جي موت کانپوء مارڪيٽ سڌارن جي هڪ سلسلي جو تعارف ڪرايو .جيڪو سندس پوئلڳن جي دور تائين نافذ رهيو.امريڪا چين سان تعلقات کي بهتر بنائڻ شروع ڪيو.جڏھن صدر نيڪسن مائو جي موت کان اڳ 1972ع ۾ دورو ڪيو.چيني ڪميونسٽ پارٽي(CCP) اقتدار ۾ رهي ٿي.وڏي پيماني تي سرمائيداراڻي نظام جي صدارت ڪري ٿي حالانڪ رياستي ملڪيتي ادارا ملڪيت جو هڪ وڏو حصو ٺاهيندا رهن ٿا.
ڪميونزم چو ناڪام ٿيو؟
ڪميونزم جي ناڪامي جو ڪشادو مطالعو ڪيو ويو آھي.ليڪن محققن ڪجه عام مسئلن جي نشاندهي ڪئي آھي.جن هن ان جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
پهريون سبب نفعي جي واڌ جي لاء پيداوار گهڻي ڪرڻ جي باوجود شھرين ۾ سهوليتن جو فقدان هو.نفعي جي لالچ معاشري ۾ (competition and innovation) جو سبب بڻجي ٿي.ليڪن ڪميونسٽ معاشري ۾َ هڪ بنا لالچ جي سماجي مقصدن جي لاء وقف هو ۽ پنهنجي فلاح و بهبود جي باري ۾َ گهٽ ئي سوچيندو هو.ڪجه چونڊيل فردن جي هٿ ۾ طاقت جو توازن به ناڪامي کي جنم ڏيئي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي فائدي جي لاء نظام جي راند ۽ اقتدار تي پنهنجي مضبوطي برقرار رکڻ جي لاء لالچيون ميسر ڪن ٿا.بدعنواني ۽ سستي ان نظام جون مقامي خاصيتون بڻجي ويون ۽ سوويت معاشري جي لاءڪجه نه ڪرڻ ڄڻ ته عام ڳاله هئي.جنهن محنتي ماڻھن کي دل شڪستو به ڪيو ۽ اڳتي هلي معشيت کي ڪافي نقصان پڻ پهتو.جنهن جي ڪري سوويت يونين پنهنجو پاڻ کي ڀاڻڀرو نه ڪري سگهيو ۽ ائين اتي لينن جو آندل انقلاب ناڪام ضرور ٿيو.ليڪن عالمي صورتحال جي وڌندڙ ٽڪرائن جي سبب ٿي سگهي ٿو ٿو ته روس هڪ ڀيرو وري پنهنجي سوويت طاقت کي بحال ڪري وٺي؛؛؛
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم
ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا: گورنر سنڌ
هڪ ٻن ڏينهن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل تي خوشخبري ملندي: مولانا