ڪوٽڏيجي )رپورٽ غلام الله سيال( ڪنب ۾ سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ شھنشاھ ظاهر وليء سرڪار ساليانو ميلو شروع ٿي ويو ,ميلي جي شروعات صوفي بزرگ جي مزار تي چادر چاڙھي دعاء خير سان ڪئي وئي , چادر چڙھائي تقريب ۾ هزارن جي تعداد ۾ عقيدت مندن ۽ پاڌيئڙن شرڪت ڪئي, خبر موجب سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ شھنشاھ ظاهر ولي سرڪار جو ساليانو ميلو شروع ٿي ويو آھي ,ميلو جي شروعات صوفي بزرگ شهنشاه ظاهر وليء سرڪار جي مزار تي چادر چاڙھڻ بعد دعاء خير سان ڪئي وئي ,
چادر چاڙھڻ واري تقريب ۾ مختلف شھرن مان وڏي انگ ۾ عقيدت مندن شرڪت ڪئي,چادر درگاه جي فقير امام ڏنو منگي ,استاد علي حسن تمراڻي , فقير غلام حسين منگي, چاڙھي تعريب ۾ فقير غفار منگي,رياض حسين , وڏيري افضل تمراڻي,علي مدد تمراڻي ,نصير احمد سيال,اطهر خان سيال ,غلام محمد سيال,ثناءالله سيال سميت وڏي انگ ۾ پاڌيئڙن شرڪت ڪئي, ميلي ۾ صوفياڻي راڳ سان صوفي فنڪارن جنهن ۾ صوفي فنڪار استاد محمد رمضان اڄڻ ,فنڪار حسين بخش مري, فنڪار محمد ايوب , قادر بخش ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جنهن ڪري ميلي ۾ وڌيڪ رونڪ اچي وئي, ميلي ۾ سنڌ ۽ پنجاپ جي ڀلوڙن ملھ پهلوان حصو ورتو , ملھ جي مقابلي ۾ سلام ڪوش ,حاڪم ڪوش,جبار گوپانگ,آصف ,حسن رضا ميدان ماري موجد ماڻھن کان داد وصول ڪيو ,