ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)ۡ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 63 اي جي تشريح آئين کي ٻيهر لکڻ جي برابر آهي ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي.وفاقي وزير چيو ته اسپيڪر اياز صادق هميشه پارليامينٽ جي بالادستي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو جيڪو هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اسپيڪر اياز صادق هميشه پنهنجي ڪرسي سان انصاف ڪيو ۽ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين سان خوش اخلاقي ۽ انصاف جو رويو اپنايو.هن وڌيڪ چيو ته اياز صادق جي هميشه اها ڪوشش رهي ته ڪنهن به ميمبر سان ناانصافي نه ٿئي ۽ اهو بهترين طريقي سان پارلياماني معاملا انجام ڏيندو رهيو آهي.عطاءُالله تارڙ عدالتي فيصلي جي حوالي سان چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 63 اي جي تشريح آئين کي ٻيهر لکڻ جي برابر آهي ۽ ان سان مخصوص سيٽن جي حوالي سان ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو آهي.هن اسپيڪر جي اڄوڪي قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته ڪنهن به اداري کي آئين جي من پسند تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي ۽ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن جو ڄمي مقابلو ڪيو وڃي. عطاءُالله تارڙ انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته آئين ۽ قانونسازي جو اختيار صرف عوام جي چونڊيل نمائندن وٽ آهي ۽ اسان پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو