سياسي پارٽي سان وابستگي جو اقرار نامو تبديل نٿو ڪري سگهجي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ايڪٽ 2017 ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي اسپيڪر لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. ليگي ميمبر بلال اظهر ڪياني اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي مخالف ڌر بل جي مخالفت ڪندي نعريبازي ڪئي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 ۾ 2 ترميمون متعارف ڪرايون ويون آهن. پهرين ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 66 ۾ ۽ ٻي ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 104 ۾ ڪئي وئي. پهرين ترميم ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽي سان الحاق جو اعلان تبديل نٿو ڪري سگهجي.ٻي ترميم ۾ چيو ويو آهي ته جنهن پارٽي مخصوص سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي نه ڏني آهي ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن.ترميمي ايڪٽ 2024 موجب، اهي ٻئي ترميمون منظوري کانپوءِ فوري طور تي لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو