ڪنهن شيءِ جو حصو نه ٿينداسين جنهن سان بنيادي حق متاثر ٿين

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته جي يو آءِ ڪنهن به اهڙي ترميم جو حصو نه بڻجندي جيڪا بنيادي حقن جي خلاف هجي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته آئيني ترميم تي جي يو آءِ پنهنجو واضح موقف ڏئي ڇڏيو. اسان پوري قوم کي مشڪل مان بچائي ورتو آهي.عبدالغفور حيدري چيو ته آئين کي راند نه بنايو، جيڪڏهن ترميم ڪرڻي آهي ته انهي جون گهرجون به پوريون ڪريو، جي يو آءِ ڪنهن به اهڙي ترميم جو حصو نه بڻجندي جيڪا حقن جي ابتڙ هجي. آئين ۾ آرڊيننس جي ڪابه اهميت نه آهي ۽ ان کي صرف وقتي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي.هن چيو ته بلوچستان ۾ 2 نوجوان پوري قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏيندا آهن. بلوچستان جون حالتون اهڙي نتيجي تي ڪيئن پهتيون آهن؟ بلوچستان جي وسيلن تي وفاق قبضو ڪري ورتو آهي، طاقت جو استعمال ڪيو ويندو ته وڌيڪ خرابيون پيدا ٿينديون، طاقت جي ذريعي بلوچستان جو مسئلو حل نٿو ٿي سگهي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سنجيده مطالبن کي ڏسي انهن کي حل ڪيو وڃي.مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ڪچي جو ننڍو علائقو آهي پر اتي روزاني ماڻهن کي اغوا ڪيو ويندو آهي، اهڙن علائقن ۾ ڪٿي به حڪومت جي رٽ نظر نه پئي اچي. هن چيو ته حڪومتي عهديدار اعتراف ڪري چڪا آهن ته حڪومت انهن کان نه پئي هلي، هي حڪومت وڌيڪ نٿي هلي سگهي انهي لاءِ فوري طور تي صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو