ڪنوار کي هڪ لک رپيا ”مُوڙو“ ملندو،پنجاب حڪومت جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ شادين جي سڀ کان وڏي پروگرام جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت ڪنوار کي اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي هڪ لک رپيا ”مُوڙو“ ڏنو ويندو. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ اجتماعي شادين جي سڀ کان وڏي پروگرام جي منظوري ڏني وئي. پنجاب ۾ 3 هزار غريب خاندانن جي ڇوڪرين جي اجتماعي شادي جو پراجيڪٽ پيش ڪيو ويو، جنهن تحت ڪنوار کي اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي هڪ لک رپيا موڙو ڏنو ويندو، ان کانسواءِ فرنيچر، ڪپڙا، ڊنر سيٽ سميت استعمال جون 13 شيون گفٽ ڪيون وينديون. اجلاس ۾ مريم نواز اجتماعي شادين جو دائرو وڌائڻ جي به هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو