ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار ڊراما نويس ۽ صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي لاڏاڻو ڪري ويو، ماڻڪ ڪنگراڻي دل جي تڪليف سبب اڄ فجر وقت ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ماڻڪ ڪنگراڻي جو مڙهه سندس اباڻي شهر جوهي روانو ڪيو ويو، مرحوم جي تدفين 2وڳي جوهي ويجهو ڳوٺ ماڻڪ ڪنگراڻي جي حسن درويش قبرستان ۾ ڪئي ويندي .
