ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، 29 ڄڻا فوت

ڪهوٽا )ويب ڊيسڪ)ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.مقامي ذريعن موجب حويلي ڪاهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.مقامي ذريعن موجب مسافر بس کي حادثو پناه پل ويجهو پيش آيو پر حادثي جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جبل لڳڻ سبب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد سان فوتين ۽ زخمين کي بس مان ٻاهر ڪڍيو.

پهنجو تبصرو موڪليو