ڪوئيٽا کان اندروني علائقن تائين ٽرين سروس 9 ڏينهن کان معطل

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا کان ملڪ جي اندروني علائقن تائين ٽرين سروس 9 ڏينهن کان وٺي معطل ڪئي وئي آهي.ريلوي اختيارين موجب، ڪڇي ضلعي ۾ 11 مارچ تي دهشتگردي سبب متاثر ٿيل ريلوي ٽريڪ جي مرمت ڪئي وئي آهي. دهشتگرد حملي ۾ متاثر ٿيل جعفر ايڪسپريس جي بوگين جي مرمت جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي.اختيارين موجب، سيڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ ملڪ اندر ٽرين سروس بحال ڪئي ويندي.اختيارين جو چوڻ آهي ته چمن ڏانهن ويندڙ مسافر ٽرين اڳ ۾ ئي بحال ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو