ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي مينٽر جي ياد ستائڻ لڳي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پشاور زلمي جي هٿان شڪست کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پنهنجي مينٽر جي کوٽ محسوس ڪئي ۽ پنهنجي مينٽر سر ويئن رچرڊ کي دعوت ڏني.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مئنيجر اعظم خان موجب سر ويون رچرڊ جي ويزا لاءِ درخواست ڏني وئي آهي، سندس ويزا جي عمل ۾ ڪجهه مشڪلاتون آهن جن کي حل ڪيو پيو وڃي. اعظم خان چيو ته ويزا لاءِ گهربل سموري معلومات موڪلي ڇڏيا آهن ۽ سر ويون رچرڊ گليڊي ايٽرز جي ايندڙ ميچن ۾ ٽيم سان گڏ هوندو، هو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪيمپ ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو