ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي هزار گنجي علائقي ڪلي خزان ۾ هڪ گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي ۾ ٻه عورتون فوت ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيو، پوليس موجب هزارگنجي جي ڪالي خزان جي رهواسي همايون خان جي گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ همايون خان جي زال ۽ ڏهه سالن جي ڌيءَ بي بي زويا فوت ٿي ويون.ڌماڪي جي نتيجي ۾ همايون خان جو پٽ رئيس خان زخمي ٿي پيو. زخمي شخص کي سول اسپتال ۾ طبي علاج کان پوءِ گهر منتقل ڪيو ويو.
