ڪوئٽا آئوٽ، زلمي ۽ لاهور سيمي فائنل لاءِ اهل قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ايس ايل ٽائٽل جو دفاع ڪندڙ ٽيم ڪوئٽا گليڊيئٽرز ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ميچ کٽڻ باوجود به ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي وئي. پشاور زلمي رن ريٽ جي بنياد تي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ملتان پشاور سان ۽ ڪراچي لاهور سان سيمي فائنل کيڏنديون. آچر تي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ لاهور  ملتان کي شڪست ڏئي ڪواليفاءِ ڪيو ۽ ڪوئٽا ڪراچي کي شڪست ڏئي به ڊس ڪواليفاءِ ڪري وئي. هنن کي 20 بالن تي ٽارگٽ پورو ڪرڻو هو جنهن ۾ هو ناڪام ويا ۽ ٽائٽل کان ٻاهر ٿي ويا. ڪراچي ٽاس کٽي اڳ م بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنز ڪييون.

جيڪي ڪوئٽا 16.2 اوورز ۾ 5 وڪيٽن تي 154 رنز ٺاهي پوريون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو