اسلام آباد جي ڪوئٽا کي 2 وڪيٽن تان شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ايڇ بي ايل پي ايس ايل اٺين سيزن جي راولپنڊي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪوئٽا کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پهرين اوور ۾ اسلام آباد جو گرباز کي نسيم شاهه زيرو تي آئوٽ ڪيو ۽ ايلڪس هيلز به جلد آئوٽ ٿي ويو ته ڪوئٽا وارا ڪافي خوش هئا. پر بعد ۾ ڪولن منرو29 بالن تي 63 رنز، اعظم خان 25 بالن تي 35 ۽ فهيم اشرف 31 بالن تي 39 رنز ٺاهي وننگ اننگ کيڏي. آخري اوور ۾ اوڊين سمث کي پهرين ٽن بالن تي لڳاتار 3 چوڪا هڻي فهيم اشرف ميچ کٽائي ورتي. شاداب خان، آصف علي، مبشر خان ۽ حسن علي سنگل ڊجٽ کان اڳتي نه وڌي سگهيا،ان کان اڳ اسلام آباد ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪوئٽا اڳ ۾ کيڏندي کين 180 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ڪوئٽا جي پوزيشن ابتدا ۾ خراب هئي ۽ پاور پلي ۾ 17 جي مجموعي اسڪور تي 4 ٽاپ بيٽر آئوٽ ٿي ويا هئا ۽ ائين لڳو ته ڪوئٽا جو اسڪور سينچري ڪراس نه ڪندو. پر پنجين وڪيٽ جي پارٽنر شپ ۾ محمد نواز ۽ زدران ڀرپور شاٽس کيڏي ڪوئٽا کي ميچ ۾ واپس آندو ۽ 103 رنز جي پارٽنر شپ بعد نواز فضل الحق جي بال تي مبشر خان هٿان 6 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 52 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. نجيب الله زدران به ففٽي مڪمل ڪئي ۽ هو 3 ڇڪن ۽ پنج چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 59 رنز ٺاهي رومان رئيس جي يارڪر تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد عمر اڪمل جو ساٿ ڏيڻ اودين سمٿ آيو هن ڪجهه بال مس ڪيا پر عمر اڪمل جي جارحاڻي بيٽنگ جاري رهي ۽ هن 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 44 ناٽ آئوٽ رنز اسڪور ڪيون.


20 هين اوور جي آخري بال تي هن ڇڪو هنيو، فيلڊر کيس بائونڊري تي ڪيچ ڪيو پر بيلنس قائن نه رکي سگهيو ۽ بال سوڌو بائونڊري کان ٻاهر ڪريو، اهڙي طرح ڪوئٽا 6 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنز ٺاهيون. ان کان اڳ اوپنر ياسر خان 5 ۽ ول سميڊ زيرو، سرفراز 3 ۽ افتخار 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا هئا. فضل الحق فاروقي چار اوورز ۾ 25 رنز تي 3 وڪيٽون، فهيم اشرف 3 اوورز ۾ 29 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، رومان رئيس 4 اوورز ۾ 29 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، حسن علي 4 اوورز ۾ 36 ۽ شاداب خان 3 اوورز ۾ 32 رنز ڏنيون ۽ کين وڪيٽ نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو